پيرغلام رسول سرهندي

پيرغلام رسول سرهندي

پيرغلام رسول سرهندي

پير، غلام رسول سرهندي: ناميارو عالم پير غلام رسول سرهندي، 2 جنوري 1912ع تي اڳوڻي ضلعي حيدرآباد جي شهر مٽياريءَ ۾ ڄائو. هن قرآن شريف جي تعليم مشهور عالم قاضي عبدالرحمان کان ۽ فارسيءَ جي تعليم مولانا محمد فاضل ڪابليءَ وٽان ۽ عربيءَ جي ابتدائي تعليم مولوي محمد يوسف ديري غازي خان واري کان حاصل ڪئي. ان کانپوءِ سورت جي دابيل مدرسي ۾ داخل ٿيو. جنهن جو مهتمم مولانا احمد گجراتي هو. اتان مولانا شبير احمد عثماني ۽ ٻين استادن کان بيضاوي، عقاد نسفيه ۽ دُورِ حديث (بخاري ۽ مسلم) پڙهي مڪمل ڪيـائيــن. مـدرسـه دهـلـيءَ جي مـولانــا ڪفايت الله سـندس سائـي پٽڪـي سـان دستاربندي ڪرائي ۽ کيس سڏائي ٻين عالمن کي ٻڌايائين ته ”دابيل جي مدرسي ۾ سڀ کان صحيح عبارت هي نوجوان پڙهندو هو.“
پير غلام رسول جو حافظو تيز هو. کيس تاريخ، علم ۽ ادب سان گھڻي دلچسپي هئي. هن کي سڄي سنڌ جي بزرگن ۽ مشاهيرن بابت تمام سٺي ڄاڻ حاصل هئي. هيءُ اڪثر بزرگن جي مزارن تي زيارت لاءِ پري پري تائين ڪَهي ويندو هو. هن جـي تـصنيفن ۾: (1) ’لذت الارواح‘ (1395هه/ 1975ع)، (2) ’سوانـح حيـات حـضـرت آقـا غـلام مجـدد سرهنديرح‘ (1996ع)، (3) ’انساب نـامـو‘ ۽ (4) ’ملفوظات الاڪابر‘ (1370 هه/1950ع) ڇپيل آهن.
سندس وفات 27 صفر 1411 هه/ 17 سيپٽمبر 1990ع تي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1912.01.02  عيسوي

پير غلام رسول سرهندي 2 جنوري 1912ع تي مٽياريءَ ۾ ڄائو


1990.09.17  عيسوي

پير غلام رسول سرهندي جي وفات 27 صفر 1411 هه/ 17 سيپٽمبر 1990ع تي ٿي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آفتاب شعبان ميراڻي
درويش دائود 2
خوارزمي محمد بن موسيٰ
چيٽرجي سنيتي ڪمار
دلاور خانجي
ڀٽو مولا بخش مسڪين
ايل وي پرانجپي
شهمير خان ڀنگوار
جتوئي علي مراد
حافظ حڪومت خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون